ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي، جي جنگ؟

ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي، جي جنگ؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ به جنگ جاري آهي. ڀارت مودي سرڪار جي هندوتوا جي ايجنڊا تي تنقيد ڪرڻ وارن پرڏيهي سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن. ايران، ترڪي، مصر ۽ گڏيل قومن سميت مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي سفارتڪارن ۽ ريڊيو پاڪستان سميت 80 اڪائونٽس ڀارت بلاڪ ڪري ڇڏيا هئا. جنهن تي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ڀارتي چارج ڊي افيئرز کي گهرائي احتجاج ڪيو هو. ڀارت مقامي قانون موجب اهڙو قدم کنيو. جڏهن ته پاڪستان جوابي ڪاروائي نه ڪري سگهيو ڇو ته هتي اهڙا قانون نه آهن. پاڪستان ٽيليڪام اٿارٽي جي چيئرمين موجب ٺاهيل قانونن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ م چيلينج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 6 جولاءِ تي اجلاس گهرايو هو جيڪوهاني عيد جي موڪلن بعد ٿيندو. سندس چوڻ آهي ته ڀارتي قانونن تي عالمي ادارا تنقيد نٿا ڪن، ٽوئٽر سميت سوشل ميڊيا پليٽفارم ڀارت خلاف رسمي بيان ڏين ٿا پر پاڪستان خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي پويان لڳن ٿا، انهن جو رويو تعصب وارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو