پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 10 ارب ڊالر جي سطح کان وري هيٺ اچي ويا

پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 10 ارب ڊالر جي سطح کان وري هيٺ اچي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾امپورٽ ۽ ٻاهريون قرض لاهڻ جي ڪري هلندڙ هفتي اسٽيٽ بئنڪ وٽ موجود ذخيره 10 ارب ڊالر جي سطح کان هيٺ اچي ويا آهن. گذريل هفتي چيني بئنڪن پاران 2.3 ارب ڊالر قرض اڳاڙي کان پوءِ اسٽيٽ بئنڪ جا ناڻي مٽا سٽا واراذخيرا 10 ارب ڊالرجي سطح پار ڪري رهيا هئا جڏهن ته امپورٽ ۽ ٻاهريون قرض ادا ڪرڻ سبب هن هفتي اسٽيٽ بئنڪ وٽ ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا 9.8 ارب ڊالر جي سطح تائين ڪري پيا. ملڪ جا ڪل ناڻي مٽا سٽا جاذخيرا به 16 ارب ڊالر جي سطح کان هيٺ اچي 15.7 ارب ڊالر تائين اچي چڪا آهن واپاري بئنڪن وٽ ناڻي مٽا سٽا ذخيرن ۾ 4 ڪروڙ ڊالر جي اضافي سان انهن وٽ موجود ذخيرن جي ماليت 5.9 ارب ڊالر ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو