نفرت جو سبب بڻجندڙ شين کان پري رهڻ اسلامي قدرن جو تقاضا آهي: حج خطبو

نفرت جو سبب بڻجندڙ شين کان پري رهڻ اسلامي قدرن جو تقاضا آهي: حج خطبو

سعودي عرب (ويب ڊيسڪ)دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين مسلمان اڄ حجاز مقدس ۾ جمع ٿي عظيم حج وقوف عرفه ادا ڪري رهيا آهن. مسجد نمرہ ۾ حج جو خطبو ڏيندي شيخ محمد بن عبدالڪريم چيو ته الله تعاليٰ بار بار پرهيزگاريءَ جي نصيحت ڪئي آهي، پرهيزگار ئي الله جو قرب حاصل ڪري ٿو، الله تعاليٰ فرمايو ته متقين لاءِ جنت جي خوشخبري آهي.شيخ محمد بن عبدالڪريم پنهنجي خطبي حج ۾ فرمايو ته سڀ کان وڏي نعمت توحيد آهي، ماڻهوو، صرف الله جي عبادت ڪريو جنهن آسمانن ۽ زمينن کي توهان جي لاءِ پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته سمورا انسان حضرت آدم عليه السلام جو اولاد آهن ۽ آدم مٽيءَ جو ٺهيل هو، مسلمانن تي فرض آهي ته انسانيت جو قدر ۽ احترام ڪن، الله تعاليٰ کانسواءِ اوهان جي مصيبت کي ڪير به دور نٿو ڪري سگهي، آخرت جي ڪاميابي الله جي حڪم جي تعميل ۾ ئي آهي. حج جي خطبي ۾ شيخ محمد بن عبدالڪريم فرمايو ته ”حج ڪريو جيئن رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ادا ڪيو.زائرين رات جو منيٰ ۾ ترسيا، عبادت، تلاوت ۽ استغفار ۾ مشغول رهيا ۽ فجر جي نماز کانپوءِ حاجين عرفات اسڪوائر ڏانهن روانا ٿي ويا.10 لک کان وڌيڪ عازمين حج اڪبر جي سعادت حاصل ڪندا، خطبہ حج پاڪستاني وقت موجب 1 لڳي 40 منٽن تي ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو