عدليا رياست جي ڪڏهن ترجيح ئي ناهي رهي: جسٽس اطهر من الله

عدليا رياست جي ڪڏهن ترجيح ئي ناهي رهي: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته اسلام آباد جي رهواسين کان 50 سال پهريون زمينون کسيون ويون، انهن جي زمينن تي وڏا وڏا محل ته اڏجي ويا پر کين معاوضو نه مليو.وفاقي راڄڌاني ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪو شڪ ناهي ته هڪ اثرائتو عدالتي نظام هجڻ تمام گھڻو ضروري آهي.هن چيو ته تپيدار خاني ۽ ٿاڻي جي ناانصافين سان متاثر شخص عدالت ايندو آهي، عدالتن جي فريادين جي ئي نه پر ججن جي حقن جي به لتاڙ ٿيندي آهي.سندس چوڻ هو ته مون وٽ هڪ اهڙو ڪيس آهي، جيڪو 50 ورهين کان ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪو درخواستگذار هو، اهو ۽ سندس گھر واري فوت ٿي چڪا آهن.جسٽس اطهر من الله چيو ته ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته عدليا ۾ به ناانصافي موجود آهي، جيڪو 12 سال جيل ۾ رهيو ۽ آزاد ٿي ويو، ان جا اهي سال ڪير موٽائيندو؟هن چيو ته عدليا رياست جي ڪڏهن ترجيح ئي ناهي رهي، اسلام آباد جون ضلعي عدالتون ڪمرشل پلازن تي ٺهي رهيون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته گذريل حڪومت اسان جي ڳالهه سمجهي، هاڻي نئون ڪامپليڪس تيار ٿيڻ جي ويجھو آهي.سندس چوڻ هو ته جيڪي هاءِ ڪورٽ تائين پهچڻ جي سگهه نٿا رکن، هي پراجيڪٽ انهن لاءِ آهي، هي پراجيڪٽ اصل اسٽيڪ هولڊرز فريادين لاءِ آهي، جنهن جو تصور اسان کي آئين مان مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو