اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 15 سيڪڙو ڪري ڇڏي

اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 15 سيڪڙو ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ وڌيڪ 1.25 بيسز پوائنٽس واڌ ڪري ڇڏي.اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 1.25 بيسز پوائنٽس وڌائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ وياج جي شرح 15 سيڪڙو ٿي وئي آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي نگران گورنر چيو ته ايندڙ مالي سال معاشي اوسر جي شرح 3 کان 4 سيڪڙو هوندي، مهانگائي جي شرح 18 کان 20 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.سندس چوڻ هو ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو