ٻن مزدائن ۾ آمھون سامھون ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي

ٻن مزدائن ۾ آمھون سامھون ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي

ٺٽو(ڊر) سونڊا لڳ مال سان ڀريل ٻن مزدائن ۾ آمھون سامھون ٽڪر، 2 ڄڻا موقعي تي فوت 2 زخمي، تفصيل موجب سونڊا لڳ علي بحر وٽ ٺٽو/حيدرآباد مين قومي شاھراھ تي چوپائي مال سان ڀريل ٻن مزدائن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوابشاھ جا رھواسي 2 پورھيت شھزور ڊرائيور نظير بروھي ۽ نواز مري موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ 2 ڄڻا گلزار رستماڻي ۽ علي نواز مري سخت زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪينجھر پوليس سول اسپتال مڪلي پھچايو، جتان فوتين جا لاش پوليس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، جيڪي نوابشاھ کڻائي ويا، جڏھن تہ زخمي ٻئي پورھيت اسپتال ۾ بدستور علاج ھيٺ آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو