ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ بابر غوري کي ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو.ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ بابر غوري کي وطن واپسي تي ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو، هو نيب کي ڪرپشن ڪيسن ۾ گهربل آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم اڳواڻ کي ايف آءِ اي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو، جنهن بعد کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر غوري جو نالو ماضي ۾ به ڪيترن ئي اهم ڪيسن ۾ ملوث رهيو آهي، جنهن جي به جاچ ڪئي ويندي.بابر غوري ڪيترن ئي سالن کان خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري چڪو هو، ياد رهي ته بابر غوري پورٽس اينڊ شپنگ جو وفاقي وزير رهي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو