سنڌ حڪومت پاران پيپلز بس سروس جا روٽس وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي مقبوليت ۽ شهرين جي پر زور مطالبي تي پيپلز بس سروس جا روٽس وڌائڻ جو فيصلو، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ گلشن حديد روٽس تي به بسون هلايون وينديون . اهڙو فيصلو سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس بابت اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ۾ به پيپلز بس سروس جا روٽس وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ پيپلز بس سروس جا 4 نوان روٽس هوندا. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي نون روٽس جو سفارشون تيار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو . اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻي ۾ 16 جولائي تي 16 بسون هلايون وينديون. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڏني ته اين آر ٽي سي، انڊپينڊنٽ ايڪسپرٽ سان گڏجي ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي جي اضافي روٽس جو پلان جوڙي . هن هدايت ڪئي ته پيپلز بس سروس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي سنڌ ماس ٽرانزٽ جو عملو به مقرر ڪيو وڃي . هن حڪم ڏنو ته بسن ۾ آر ٽي ايس سسٽم 25 آگسٽ تائين لڳايو وڃي ، جنھن سان بسن جي ٽريڪنگ، وائي فائي جي سهولت ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون فعال ٿي وينديون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انشاءَ الله ڪراچي جي شهرين کي بسن جي حوالي سان تمام جلد ھڪ نئون سرپرائيز به ڏينداسين. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحيلم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف ساريو، ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آر ٽي سي صهيب شفيق، آپريشن مئنيجر عبدالشڪور، انڊيپينڊنٽ ايڪسپرٽس نويد حسن ،ايس صفدر ڪاظمي ۽ ٻيا به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو