ادارن خلاف مهم جي ماسٽر مائنڊ بشريٰ بي بي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ادارن خلاف مهم جي ماسٽر مائنڊ بشريٰ بي بي آهي.سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بشريٰ بي بي بني گالا ۾ لڪي غداري، پرڏيهي سازش جي بيانيي ۽ قومي ادارن خلاف سوشل ميڊيا مهم هلرائي رهي هئي، سياسي مخالفن کي غداري سان لنگ ڪرڻ ۽ گار گند جي اڳيان توڙي پٺيان بشريٰ بي بي آهي. هن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري تصديق ڪري ڇڏي آهي ته بشريٰ بي بي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا ۽ ڪوڙي بيانيي جي سربراهه آهي، آڊيو بشريٰ بي بي جي آهي ۽ سياسي مخالفن کي غداري سان جوڙڻ بشريٰ بي بي جو بيانيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو