ڪراچي(دريا خان شر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي عدالت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل ۽ پي ايس او جو ايم ڊي شيخ عمران الحق جي پنج پنج لک جي مچلڪن عيوض 7 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. سندن وڪيل حيدر وحيد عدالت کي درخواست ڪئي ته هن جي اصيلن خلاف ڪيس اسلام آباد ۾ آهي سندن ضمانت منظور ڪريو ته جيئين هو واسطيدار عدالت سان رابطو ڪري سگهن. ان کان اڳ صبح جو هنن ٻنهي نيب جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون هيون. نيب ٽيم به سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي هئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته کيس ڪالهه 3 وڳي نيب جو نوٽيس مليو آهي، ڇاپن جي ڪا ضرورت ناهي جتي نيب وارا چون جاچ لاءِ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. ذريعن جو چوڻ آهي ته مفتاح جي ڀآءُ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي درپرده ڪوششن بعد نيب هٿ هلڪو رکيو آهي.










