ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 4 سيڪڙو جي ويجهو

ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 4 سيڪڙو جي ويجهو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ ڪرونا ڪيسن جي شرح ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.صحت جي قومي اداري موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 هزار 640 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 694 ڪورونا جا مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا.صحت جي قومي اداري موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي شرح 3.93 سيڪڙو رهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب ڪو به فوتگي ناهي ٿيو، جڏهن ته ڪورونا ۾ مبتلا هڪ مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو