پهريون ڀيرو ريڊ ۽ وائٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ ڌارڌار ڪانٽريڪٽ جو اعلان

پهريون ڀيرو ريڊ ۽ وائٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ ڌارڌار ڪانٽريڪٽ جو اعلان

لاهور ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 23-2022 جي سيزن لاءِ مينز رانديگر سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نئين ڪانٽريڪٽ موجب ريڊ بال ۽ وائٽ بال ڪيٽيگريز ۾ گڏيل طور 33 رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم سميت پنجن رانديگرن کي ريڊ ۽ وائٽ بال ٻنهي فارميٽ جا ڪانٽريڪٽ ملي ويا آهن.10 رانديگرن کي رڳو ريڊ بال ۽ 11 رانديگرن کي صرف وائٽ بال فارميٽ جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي.انکانسواءِ علائقائي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ستَ رانديگر ايمرجنگ ڪيٽيگري جو حصو بڻيا آهن. ڪهڙو پليئر ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ شامل هوندو؟نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين شاهه آفريدي کي ريڊ بال ۽ وائٽ بال ٻنهي فارميٽن ۾ اي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.حسن علي ريڊ بال ۾ بي ۽ وائٽ بال ۾ سي ڪيٽيگري جو حصو آهي، جڏهن ته امام الحق کي ريڊ بال ۾ سي ۽ وائٽ بال ۾ بي ڪيٽيگري ملي آهي.سينيئر بيٽر اظهر علي ريڊ بال ڪانٽريڪٽ ۾ اي ۽ فواد عالم بي ڪيٽيگري ۾ شامل آهي جڏهن ته عبدالله شفيق، نسيم شاهه ۽ نعمان علي کي ريڊ بال ڪرڪيٽ جي سي ڪيٽيگري جو حصو بڻايو ويو آهي.ڊي ڪيٽيگري ۾ عابد علي، سرفراز احمد، سعود شڪيل، شان مسعود ۽ ياسر شاهه شامل آهن.وائٽ بال فارميٽ ۾ فخر زمان ۽ شاداب خان اي ڪيٽيگري ۾ شامل آهن، فاسٽ بالر حارث رئوف بي ۽ محمد نواز سي ڪيٽيگري جو حصو آهي.پي سي بي جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ آصف علي، حيدرعلي، خوشدل شاهه، محمد وسيم جونيئر، شاهنواز ڏاهاڻي، زاهد محمود ۽ عثمان قادر ڊي ڪيٽيگري ۾ شامل آهن.ان سان گڏوگڏ علي عثمان، حسيب الله، ڪامران غلام، محمد حارث، محمد حريره، قاسم اڪرم ۽ سلمان علي آغا کي ايمرجنگ ڪانٽريڪٽ جو حصو بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو