پاڪستان اميزون جو ٽاپ ٿِري بزنس پارٽنر بڻجي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اِي ڪامرس جي آمريڪي پليٽ فارم اميزون تي پاڪستان ٽيون وڏو ڪاروبار ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي. آمريڪا ۽ چين کانپوءِ ٽئين نمبر تي پاڪستان جا 12 لک رجسٽرڊ وينڊر بزنس ڪري رهيا آهن. پاڪستان کي هڪ سال جي ڳالهه ٻولهه بعد مئي 2021 ۾ Amazon مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پاڪستان جي پهرين اي ڪامرس پاليسي جاري ٿيڻ بعد انڊيا، ويٽنام، برطانيه۽ ڪئناڊا کان وڌيڪ وينڊر پاڪستان جا آهن. پاڪستان جي هنن وينڊرز 28 ارب ڊالرز جي ماليت جو ايڪسپورٽ بزن ڪيو آهي. هي وينڊر هڪ پاسي پنهنجي ڪمائي ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي ملڪ جا ايڪسپورٽ به وڌائي رهيا آهن. پاڪستان جون وڏيون برآمدات ۾ ڪپڙو، چمڙو ۽ راندين جو سامان، ڪيميڪل، قالين ۽ رگز شامل آهن. پاڪستان به وڏي مقدار ۾ چانور، کنڊ، ڪپهه، مڇي، ميوا ۽ ڀاڄيون برآمد ڪري ٿو. اي ڪامرس جي تجزيي موجب، پاڪستان 2021 ۾ 5.9 بلين ڊالر جي آمدني سان اي ڪامرس لاءِ 37 هين وڏي مارڪيٽ آهي، پاڪستان ايران کان به اڳتي آهي. 45سيڪڙوجي واڌ سان، پاڪستاني اي ڪامرس مارڪيٽ 2021 ۾ عالمي ڪاروباري واڌ ۾ 15 سيڪڙو حصيدار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو