ممبئي (شوبزنيوز)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرشمه ڪپور کان هڪ مداح سندس ٻي شادي بابت سوال ڪيو.ڪرشمه ڪپور بالي ووڊ جي لازوال اداڪارا آهي ۽ اڄ هوءَ پنهنجي 48 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي، جنهن ۾ مداح سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن. تازو ئي ڪرينا ڪپور سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي پنهنجي مداحن لاءِ سوالن جوابن جو سيشن منعقد ڪيو جنهن ۾ مداحن کانئس مختلف سوال پڇيا.هڪ مداح پڇيو ته ڇا هوءَ ٻي شادي ڪندي؟ ان سوال جي جواب ۾ ڪرينا ڪپور هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ عورت ڏاڍي پريشان نظر اچي رهي هئي.ڪرشمه ڪپور جي جواب مان معلوم ٿئي ٿو ته هوءَ شادي لاءِ ٻين حالتن تي منحصر آهي.










