تيل جا اگهه وڌائڻ ۽ ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي شهرين جو احتجاج

دادو(ن سنڌيار) وفاقي حڪومت پاران هر روز تيل جا اگهه وڌائڻ ۽ ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿيڻ خلاف ڪانٽريڪٽر ايسوسئيشن سنڌ دادو جي صدر نياز حسين پنهور جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪانٽريڪٽر ايسوسيئشن سنڌ دادو جي اڳواڻن مرڪزي پريس سيڪريٽري مير حسن لنڊ، حبدار علي ڀنڊ، محمد خان، احمد ملاح، گل محمد چنا، الطاف پنهور، سڄڻ مگسي، نديم ڪورائي ۽ ٻين ٺيڪيدارن پنهنجي احتجاجي مظاهري ۾ چيو ته دادو ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 2023 جو نئون شيڊول ريٽ نه ڏنو ويو آهي جيڪا سراسر ذيادتي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته دادو ضلعي ۾ 2012 کان پوءِ ترقياتي ڪمن تي نئون شيڊول ناهي ڏنو ويو جنهن سبب ٺيڪيدار ٻچن جي روزي ڪمائڻ بجاءِ پنهنجو نقصان ڪري رهيا آهن، ٺيڪيدار طبقو فاقاڪشي تي مجبور آهي، هنن چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ گئس جا اگهه گهٽايا وڃن، دادو ۾ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان 2012 جو پراڻو شيڊول رد ڪيو وڃي ۽ مارڪيٽ ريٽ مطابق 2023 جو نئون شيڊول جاري ڪيو وڃي ۽ هلندڙ ڪمن تي ڊيفرنس ڏنو وڃي، ٺيڪيدار اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته 15 ڏينهن اندر مٿي ذڪر ڪيل مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته وڌيڪ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو