معروف صنعتڪار پ پ شامل

ڪراچي: ( ن سنڌيار) پاڪ سر زمين پارٽي سان تعلق رکندڙ اين اي 241 2018 تان پ پ اميدوار محمد دانش خان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي.صوبائي وزير ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني سان ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ دانش خان پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.دانش خان 2018ع جي عام چونڊن ۾ اين اي 241 تان 5 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا هئا. دانش خان ڪراچي جو هڪ صنعتڪار آهي، هو ڪيترن ئي ڪاروباري ۽ صنعتي تنظيمن جو اڳوڻو ۽ موجوده عهديدار پڻ آهي. دانش خان کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار هن اميد ظاهر ڪئي ته دانش خان جي پ پ ۾ شموليت سان ڪراچي ۾ پارٽي مضبوط ٿيندي ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ دانش خان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو