انتظاميه عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري پئي:ڊي سي

ٺٽو: ( ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر علي قادري چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ايف ڊبليو او پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ميگا پروجيڪٽ ڪراچي ٺٽو ڊبل روڊ جي مڪمل ٿيڻ سان هتان جي عوام کي آمدرفت ۾ تمام گهڻو فائدو پهتو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته عوام کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس آفيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي ڪراچي ٺٽو ڊبل روڊ تي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ نالن جي تعمير ۽ سانوڻي جي برساتن کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي مئنيجر ڪي اي ٽي سي اي ايم (ايف ڊبليو او) ڪرنل (ر) شهزاد خالد، مئنيجر ڪي ٽي ڊي سي ڪيپٽن (ر) آصف امانت، اسسٽنٽ پروجيڪٽ مئنيجر ڪي ٽي ڊي سي اشفاق احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو ناصر عباسي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ ڊولپمينٽ سيد جواد حسين شاھ، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي گهارو عبدالغفور جاکرو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته گهارو شھر ۽ آس پاس وارن علائقن کي سانوڻي جي برساتن دوران ٻوڏ واري صورتحال کان بچائڻ لاءِ فوري طور تي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ متبادل حل ڪڍي ان تي ڪم شروع ڪيو وڃي ته جيئن ماڻھن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سميت کين پريشاني ۽ تڪليف کان بچائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته گهارو شهر سميت ٻين علائقن کي برساتن دوران ٻوڏ واري صورتحال کان بچائڻ لاءِ مستقل بنيادن تي پڻ ڪم شروع ڪيو وڃي ته جيئن اهو مسئلو هميشه لاءِ حل ٿي سگهي. هن اسسٽنٽ ڪمشنر ساڪرو ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي گهارو کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ايف ڊبليو او جي آفيسرن ۽ انجنيئرن سان هر ممڪن تعاون کي يقيني بڻائين ته جيئن مون سون جي برساتن دوران امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کان بچي سگهجي. ان موقعي تي ڪرنل (ر) شهزاد خالد ڊپٽي ڪمشنر کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته گهارو شھر سميت ٻين علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ باقاعده ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري ايف ڊبليو او ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ گهارو ۽ ڀرپاسي جي علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو پڻ ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو