گاج ڊائيوريشن بچاءُ بند جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو،آبادگارن جو احتجاج

جوهي (ن سنڌيار)جوهي گاج ڊائيوريشن بچاء بند جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو موسميات کاتي پاران برساتن جو الرٽ جاري ڪاڇي واسين کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڏڻ جو خدشو هزارين ڪاڇي واسين جي زندگي داع تي لڳل مقامي ڳوٺاڻن پاران آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج ايمرجنسي جي بنياد تي آر ڊي يارهن کان بچاء بند جو ڪم ڪرڻ جو مطالبو, خبر موجب گاج ڊائيوريشن بچاء بند آر ڊي 11 کان هلندڙ ترقياتي ڪم ۾ غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ ۽ سست رفتاري ۾ ڪم ٿيڻ خلاف مقامي ڳوٺاڻن نذير لنڊ, غلام رسول لنڊ, ستار لنڊ, سليم, لنڊ, يامين لنڊ ۽ ٻين پاران آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج ڪندي ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته برساتن جي موسم ۾ کيرٿر جي جبلن مان گاج پاڻي وهڪري ٽي دفعا لوڙھي ڪاڇي جي سوين ڳوٺن کي متاثر ڪيو هنن چيو ته هاڻ به موسميات کاتي برساتن جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي ھڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ بلوچستان جي کيرٿر چوٽي کان پاڻي نئين گاج ۾ داخل ٿيندو گاج ڊائيوريشن بند جو ڪم پورو نه هجڻ ڪري ڪاڇي جا سوين ڳوٺن کي ٻيهر ٻڏڻ جوخدشو آھي هنن چيو ته آبپاشي عملدار هڪ طرف غير معياري مٽيريل استعمال ڪري رهيا آھن هنن چيو ته ٻه نمبر سريو استعمال ڪيو پيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ٻي طرف پنجن مهينن کان سست رفتاري ۾ ڪم ڪري رهيا آھن پاڻي اچڻ سان ڪم لوڙھي ويندو هي صرف ڪاغذي ڪارواين ۾ ڪم پورو ڏيکاريندا هنن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري تي هن معامري جو نوٽيس ايمرجنسي جي بنياد تي ڪم ڪرائي هزارين ڪاڇي واسين کي جاني ۽ مالي نقصان کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو