بسپ مافيا سرگرم، ڦرلٽ شروع

باڊھ (ن سنڌيار) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مکيا ايجنٽ مافيا ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ شروع ڪري ڇڏي ، في ماڻهو کي 2 هزار رپيا ڏيڻ بدران 300 رپيا في ماڻهو ڪٽ وڌي ڪري 1700 روپيا ڏنا پيا وڃن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو . تفصيل موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڦرلٽ ۾ سياستدان، بيوروڪريٽس، سرڪاري آفيسر ۽ وڏيرا ملوث آهن، في ماڻهو 2 هزار رپيا قسط ڏني وئي آهي پر سمورا ايجنٽ غريب ۽ مجبور عورتن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، 200 کان 300 روپيا رشوت طور لٽيا پيا وڃن، مظلوم عورتن ميڊيا سان ويچار چيو اسان کان فنگر هڻائي چيو پيو وڃي اوهان جو کاتو بند ڪيو ويو آهي، اهڙين عورتن جا سمورا پئسا هڙپ ڪيا وڃن ۔سينٽر تي مجوده مظلوم عورتن فاطفا ۔عشرت ۔ نسرين ۔ ٻين پنهنجو بيان رڪاڊ ڪرائيدي حڪومت ۔ وزير اعل ۔ پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ناجائز ڪٽ ودي ڪندي سينٽر باڊھ جا ڊوائس بند ڪيا وڃن باڊھ ۾ ايماندار ڊوائيس هولڊر مقرر ڪيا وڃن اسان مسڪين عورتن سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو