ڪراچي ۾ ڪَڪر وسي پيا ،ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.ڪراچي ۾ صبح کان سخت گرميءَ کانپوءِ شام جو ڪَڪر وسي پيا، شهر جي مختلف علائقن ملير، سهراب ڳوٺ، گلستان جوهر، صدر ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات شروع ٿي وئي.گلشن اقبال، سرجاڻي ٽائون، نارٿ ڪراچي، ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا، گارڊن، شاهراهه فيصل، طارق روڊ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي به مينهن وسيو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي اتر اولهه ۾ ڪڪر موجود آهن، برسات جو سلسلو ڪجهه دير جاري رهي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب اتر اوڀر کان 81 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهليون، جنهن کانپوءِ مختلف علائقن ۾ برسات شروع ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو