تبصرو ڪرڻ کان اڳ آئيني ۾ ڏسندا ڪريو، وسيم اڪرم ائين ڇو چيو؟

اسلام آباد(بيورو)قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان جي نالي سان مشهور وسيم اڪرم سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن لاءِ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي.وسيم اڪرم ڪجهه ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي هئي جنهن تي صارفين مختلف تبصرا ڪيا، ڪجهه اڳوڻي ڪرڪيٽر جي عمر نه هجڻ تي تنقيد ڪئي ته ڪجهه وزن جي ڳالهه ڪئي.هاڻي وسيم اڪرم انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي تصوير تي ڪنهن چيو ته مان ٿلهو آهيان، ڪنهن چيو ته تون پوڙهو ڇو نه آهين پوءِ تون ڏاڍو پريشان آهين.اڳوڻي ڪپتان چيو ته ”مان وڃي انهن ماڻهن جا پروفائيل ڏٺم، جن جا وات وڏا آهن ۽ ٻين سان ڳالهائين ٿا، منهنجي گذارش آهي ته تبصرو ڪرڻ کان پهريان آئيني ۾ ڏسو“.وسيم اڪرم جي مداحن سندس پوسٽ تي وڏي انگ ۾ تبصرا ڪيا ۽ کيس اهڙي تنقيد ڪندڙن کي نظرانداز ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو