ڪراچي (ن سنڌيار)ڪراچي ھمدرد يونورسٽي ڀرسان قبضا مافيا طرفان باگڙي برادري جي جهڳين کي باھ ۽ پنجن ٻارن جي ماء نالي لالي کي اغواه ڪري کڻي ويا تفصيل موجب همدرد يونورسٽي ڀرسان ويٺل باگڙي برادري جي جهڳين کي قبضا خورن طرفان باھ ڏئي ساڙيو ويو باگڙي برادري جي ماڻھن احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجه مهينا اڳ امامدين ۽ افغاني قبضي خورن اسانکي لڏائڻ لاء اسانجي جهڳين کي باھ ڏئي ساڙيو هو جنهن ۾ اسانجي خاندان جي هڪ عورت ڀاڳ ڀري باھ لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي وئي هئي جنهن جو ڪيس مٿي ڄاڻايل ماڻھن مٿان سخت احتجاج ۽ ميڊيا تي خبرون هلڻ سبب داخل ڪيو ويو هو ساڳي قبضا گير ڌر ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء گزريل رات ٻيھر اسانجي جي جهڳين کي باھ ڏئي اسانجي خاندان جي پنجن ٻارن جي ماء لالي کي اغواه ڪري کڻي ويا آھن جنهن جي اطلاع اسان حد جي ٿاڻي کي ڏني پر هيئر تائين پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري باگڙي برادري جي ماڻھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي خاندان عورت لالي کي بازياب ڪرائي اسانکي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي










