اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام هڪ اڌ ڏينهن ۾ بحال ڪيو ويندو. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته کيس آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ وڏيون اميدون آهن، جيڪڏهن امير ماڻهو هوندا ته انهن تي ٽيڪس لڳايو ويندو. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته غريبن کي رليف ڏنو ويندو، آءِ ايم ايف پروگرام جو پگهارن ۾ واڌ سان ڪو به تعلق ناهي، 12 لک رپيا سالياني آمدني تي ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي.










