لاھور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ حماد اظهر چيو آهي ته ملڪ ۾ جنگل جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر، ياسمين راشد ۽ شبير گجر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هٿياربندن آفيس ۾ غيرقانوني طور داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي، اسان وٽ وڊيو آهي، ميڊيا سان شيئر ڪنداسين.هن چيو ته جڏهن ڪارڪنن جو وڏو انگ اتي پهتو ته نذير چوهاڻ فرار ٿي ويو، اسان درخواست ڏني پر اسان جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي رهي آهي، حڪومت کي عوام جي حمايت حاصل ناهي، اها هوا جو طوفان آهي.ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد چيو ته هو اسان جي ماڻهن کي هراسان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، نذير چوهاڻ هٿياربندن ۽ پوليس سان گڏ اسان جي آفيس ۾ آيو ۽ حملو ڪيو، هي جنگل جو قانون آهي، اسان تي حملو ڪري پرچون ڪٽيوويو،ياسمين راشد چيو ته پنجاب جون 20 سيٽون ٻڌائينديون ته اصل حڪومت ڪنهن جي هئي، اهڙين حرڪتن سان عوام کي خوفزده ڪيو پيو وڃي.










