اسلام آباد (بيورو)51 سيڪڙو پاڪستاني موبائل ايپس ذريعي پنهنجي ذاتي ڊيٽا جي استعمال کان بي خبر آهن. گيلپ پاڪستان هڪ نئون سروي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 09 سيڪڙو پاڪستاني ڊيٽا جي غلط استعمال تي پريشان آهن سروي رپورٽ موجب دنيا جي 39 ملڪن ۾ اها شرح 60 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو پاڪستاني موبائل ايپس ذريعي پنهنجي ذاتي ڊيٽا جي استعمال کان بي خبر آهن.










