اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت جي موجوده حڪومت هندوتوا جي ايجنڊا تي سرگرم آهي. هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيو پوليٽيڪل اثرن سبب ملڪ جي پرڏيهي پاليسي سڌي ريت متاثر ٿي رهي آهي، اسان کي بحيثيت قوم پاڪستان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻڻو آهي. هن چيو ته ڀارت جي موجوده حڪومت هندوتوا جي ايجنڊا تي سرگرم آهي ۽ تازو اسلام فوبيا ۽ بي جي پي اڳواڻن جا بيان هڪ سنگين ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا هجن ها ته شايد ٻئي ملڪ انتهائي قدم نه کڻن ها. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت کي گذريل حڪومت کان به مسئلا درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.










