اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته اسان سياسي خودڪشي ڪئي آهي، جنهن جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اها ڳالهه وفاقي وزير ميان جاويد لطيف نجي ٽي وي جي جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي قيمت تي سياسي خودڪشي کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻو پيو. وفاقي وزير چيو ته هن سياسي خودڪشي جو سبب سياست نه پر پاڪستان بچائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏينهن جي روشني ۾ ڪاروبار ڪرڻ سان توانائي جي بچت ٿي سگهي ٿي. وفاقي وزير جاويد لطيف به چيو آهي ته سادگي حڪومتن کي پاڻ کان شروع ڪرڻ گهرجي.










