بدين (ن سنڌيار)ڪڍڻ ٽيل آبادگار ايسوسئشن پاران گذريل ڏينھن ڪيل احتجاج ۽ سنھي گوني جي شروع ٿيندڙ لائننگ واري ڪم متعلق آبادگارن جي خدشن ۽ شيخاڻي گھاڙي جي گنچ بحر شاخ جي پوڇڙين ۾ پاڻي جي نه پھچڻ جو نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ نندو لڳ ٽي پي ايس تي پھتو ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڄاڻ لاء ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ بدين غلام مجتبي ڌامراه ۽ ايريگيشن جي ايس ڊي اوز فياض علي قمبراڻي ۽ شاڪر ميمڻ نندو لڳ ٽي پي ايس تي ڳڏجاڻي ڪري سڄي مڪمل معلومات ڏني ۽ شاڪر ميمڻ شاخ جي زيرو آرڊي کان ٽيل تائين انگن اکرن ويڪر امڪ سميت ڄاڻ ڏني انھي موقعي تي آبادگارن پاران سيد ظفر علي شاھ، عبدالغفور چانڊيو، عبدالطيف بروھي، گل محمد گرگيز شيخاڻي گھاڙي کان غلام شبير لنڊ، عبدالرزاق بروھي شرڪت ڪئي آبادگارن ايل بي او ڊي سم نالي جي سائفن سميت ريگيوليٽرن جي دروازن جي نشادھي ڪئي جنھن جو ڊائريڪٽر نوٽيس ورتو ٻيو آبادگارن اھو پڻ چيو ته ستين مھيني کان پوندڙ بارشن بعد پاڻي وڌندو ته انھي وقت آبادگارن کي پوکي جو موقعو ڏنو وڃي يارھين ٻارھين مھيني ۾ ڪم کي تيزي سان اڪلايو وڃي انکان سواء زميني صورتحال جي مشاھدي لاء ڊائريڪٽر پاڻ سڄي شاخ جي وزٽ جو پڻ اعلان ڪيو ايندڙ ھفتي وزٽ جو پڻ ڊائريڪٽر يقين ڏياريو ھن چيو ته آبادگار پنھنجي ڪجھ دوستن جي ٽيم ٺاھن ته جئين ڪم جي مانيٽرنگ ڪري سگھن.










