اسلام آباد(بيورو رپوروٽ) پاڪستان شهري هوابازي جي اداري سول ايوي ايشن ڊويزن فضائي سرحدون مڪمل کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 5 مهينا اڳ ڀارت سان ڇڪتاڻ بعد پاڪستان مشرقي فضائي سرحدن تي پابندي هنئي هئي. جنهن سبب دنيا جي ايئر ٽريفڪ لاءِ پريشاني وڌي هئي ۽ وڪڙ ڪري وڃڻ سبب دنيا جي مختلف ڪارگو ۽ پئسينجرايئر لائنز جي ڪاسٽ ۽ ٽائم وڌيڪ لڳي پيو. پاڪستان جي شهري هوا بازي واري ڊويزن جي سيڪريٽري شاهه رخ نصرت صحافين کي ٻڌايو ته ڀارت پاڪستان کي درخواست ڪئي ته فضائي حدون کوليو ۽ اسين کين چيو ته اوهان فارورڊ بيسز تان جنگي جهاز هٽايو. جنهن بعد اسين پابندي هٽائي آهي. فضائي حدون کولڻ جو اعلان آمريڪي ڪمپني يونائيٽيڊ ايئرلائن پاران هن خطي ۾ سروس معطل ڪرڻ واري اعلان جي چند ڪلاڪن بعد سامهون آيو آهي. جنهن مان لڳي پيو ته آمريڪا ڀارت کي چيو ۽ ڀارت پاڪستان سان رابطو ڪري فضائي حدون کولڻ لاءِ چيو. ياد رهي ته 26 فيبروري تي پاڪستان بندش جو اعلان ڪيو هو ۽ مارچ ۾ جزوي طور پابندي هٽائي هئي.
