باڊھ (ن سنڌيار) باڊھ ۾ صفائي سٿرائي کان علاوه منھگائي ۔ سماجي برائيون خلاف محب وطن ٽيم علي محمد ڪوري مسلم جاني ساريو جي اڳواڻي ۾ شھر جي مختلف رستن کان گذرندي ٽائون حال اڳيان سخت نعري بازي ڪئي . ان موقعي تي شھرين ميڊيا سان ويچار ونڍيندي چيو ته پاڪستان حڪومت تيل جي اگهن ۾ 60 رپيا واڌ ڪري مهانگائي جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آهي. کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن. مهانگائي سبب غريب مزدور ڏهاڙيدار خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هوڏانهن شھر جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ميڊيا سان ويچار وڍيندي چيو ٽائون ڪميٽي باڊھ ۾ 300 کان وڌيڪ ملازم هجڻ باوجود باڊھ شهر جي قسمت بدلائي نه سگهيا ۔ ھر طرف گندگي جا ڍير بڻجي ويا آھن شھر ۾ هر طرف بدبوء ڦھيل آھي بدبوء جي ڪري نڪ تي رومال رکڻ تي مجبور آھيون . ٽائون ڪميٽي باڊھ مهانا ڪروڙين روپين جي بجيٽ هجڻ باوجود ڪاغذي ڪاروائي ڪري بجيٽ هڙپ ڪئي پئي وڃي ، ٽائون آفيسر شھزادو کوکر ۽ اڪائوٽنٽ ڪلرڪ پريل سومرو جي هٿن ۾ اهڙو جادو آهي جو ڪروڙين روپيا بجيٽ جي چٽڪن ۾ غائب ٿي وڃي ٿي . با ڊھ شهر جا معززن علي محمد ڪوري مسلم جاني ساريو. جاويد ڍڪڻ نبي رضا بلوچ نظام الدين ڪولاچي رحيم گل گوپانگ، احسان علي ڪنڀر، سميع الله جوڻيجو. وفا غلام فريد سومرو مهراڻ راڄپر منصور احمد ڍڪڻ ۔ جيد علي گوپانگ۔ ڪامران گوپانگ۔ فرقان علي چنا۔ امير علي منگي. پاڪستان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي اپيل ڪئي گهر ڪئي ته مهانگائي جي طوفان تي ضابطو آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري عوام جي بيچي دور ڪئي وڃي ۽ ٽائون ڪميٽي باڊھ آفيسر شهزادو کوکر ۽ اڪائونٽ ڪلارڪ پريل سومرو خلاف سخت ڪارروائي ڪري جيل ڀيڙو ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۔ٽائون ڪميٽي باڊھ مان مال غنيمت سمجهي لٽيل رقم واپس ڪرائي حڪومت پاڪستان جي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي. باڊھ ٽائون ڪميٽي تي ايماندار عملو مقرر ڪيو وڃي










