پنجاب ٺاهه تي عمل ڪرڻ لا تيار ناهي پر ڀڃڪڙي ڪري پيو: رياض چانڊيو

پنجاب ٺاهه تي عمل ڪرڻ لا تيار ناهي پر ڀڃڪڙي ڪري پيو: رياض چانڊيو

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو، پريس سيڪريٽري پنهل جمالي، جو 26جون تي سنڌو دريا تي پنجاب جي قبضي خلاف حيدرآباد ۾ باء پاس تي اعلانيل ڌرڻي جي سلسلي ۾ ٽنڊو محمد خان جو دورو ضلعي ڪارڪنن سان گڏجاڻي ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو چيو ته پنجاب91جي پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لا تيار ناهي پر ان جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي پنجاب پنھجا سڀ ڪئنال 24 ڪلاڪ وھائي رھيو آھي ملڪ اندر اھڙو ڪو ادارو آھي جيڪو آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندڙ پنجاب کي روڪي اھو ته بھتر ھو جو آئين جي پاسداري لاء سپريم ڪورٽ رات جو کولي وئي عمران خان جي ڌرڻي لاء سپريم ڪورٽ خصوصي ويھڪ ڪري ٿي ڇا ملڪي عدالتن پارليامينٽ ۽ ٻين ادارن کي خبر ناھي ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ھر روز ڌاڙو پيو ھڻي؟ 75 سالن تائين سنڌ جي ترقي جا سڀ زريعا لٽي سنڌ تي ھٿرادو ڏڪار مڙھيو ويو آھي سنڌ کي سڪائي ڌرتي ڌڻين جو وجود ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پاڻي جي قدرتي نه پر هٿرادو کوٽ آهي جنهن جو ذميوار پنجاب آهي پاڻي جي سنگين کوٽ جي ڪري سنڌ ۾ نه رڳو معيشت تباهه ٿي آهي پر دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي بک بدحالي جي ڪري ماڻهون هڪ ٻئي کي ماري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف مهنگائي ۽ غربت جي ڪري خودڪشين جو ريشو وڌي رهيو آهي انساني زندگي سان گڏ حيواني حياتي آبي جيوت ۽ مال متاع اڃ وگهي مري رهيو آهي پر پنجاب پنهنجي جارحيت کان مڙڻ لا تيار ناهي هو ڪنهن به قانون آئين ۽ معاهدي تي عمل نٿو ڪري هن وڌيڪ چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعو تيل ۽ گيس سان مالا آهي پر علائقي واسي بک بدحالي ۽ فاقاڪشي ۾ وقت گذارين ٿا پر ان جڳهه تي ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي پر مقامي ماڻهن جي روزگار تي به بندش آهي تيل ڪمپنين جي غلط پالسين سبب ۽ ڌماڪيدار ۽ زهريلو مواد زمينن ۾ ڦٽو ڪرڻ سبب پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي جر ۾ سيڪيو ملي وڃڻ سبب مقامي ماڻهون ڪاري ڪامڻ ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن علائقي کي ترقي ۽ تعمير کان وانجهيل رکيو پيو وڃي هڪ طرف پاڻي جي کوٽ سبب زمينون بنجر ٿي ويو آهن ماڻهون بکن ۾ وقت گذاري رهيا آهن اسان سنڌ جي عالمن، سياستدان ۽ ساڃاه وندن کي اپيل ڪئي ته 26جون تي پنجاب ويندڙ رستو بند ڪرڻ وارو فيصلو ڪنهن پارٽي ڪنهن جهنڊي آڏو جوابدار ناهي انڪري بنا ڪنهن فرق جي سڄي سنڌ ان احتجاج ۾ شامل ٿئي پيداواری ۽ قدرتي وسيلن جي مسلسل لٽ مار پاڻي تي پنجاب جي غيرقانونی قبضي ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي جي ڪري ڌرتي ڌڻين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي هي وقت اچي ويو آهي ته پنهنجي وطن پنهنجي درياء ۽ وسيلن کي بچائڻ لا گڏيل جدوجهد جي راهه هموار ڪجي شهباز شريف، بلاول ۽ مولانه فضل رحمان جي اتحادی حڪومت ۾ سنڌ جي ڀلائي جو ڪو منصوبو شامل ناهي ڪيو جنهن مان سندن سنڌ ڏانهن بدديانتي جي روش ظاهر ٿئي ٿي هي حڪمران سنڌ کي فتح ڪيل ملڪ سمجهن ٿا جنهن جا سڀ اختيار قبضي ۾ ڪري وسيلن جي لٽ مار ڪري ان وطن جي حقيقی وارثن کي فنا ڪرڻ جون تياريون هلندڙ آهن هن چيو ته سنڌي قوم هن نازڪ گهڙي ۾ سڀ ويڇا واري متحد ٿئي جئين سنڌ دشمن قوتن جو مقابلو ڪري سگهون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو