ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ خصوصي ٻارن جِي بحالي ۽ تربيت مرڪز جو افتتاح ڪيو آهي تقريب کي خطاب ۾ وڏي وزير چيو آهي ته گڏيل ڪوششن ۽ سهڪار سان خصوصي ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي هن چيو ته بجيٽ ۾ سماجي تحفظ جي قدمن تحت خصوصي ماڻهن لاءِ 250 ملين رُپين جا فنڊز رکيا ويندا مراد علي شاهه چيو ته شهيد بينظير آباد، مٽياري، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ نوان آٽزم سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي ملازمت لاءِ عمر جي حد ۾ به رعايت ڏئي رهي آهي










