دڙو (ن سنڌيار) دڙو لڳ راڄ واھ شاخ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون سوڪھڙي جو شڪار، پاڻي نہ ملڻ سبب سارين جو ٻيجارو سڙڻ لڳو، چوپايو مال اڃ وگھي بي حال ٿي ويو، آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن جو پاڻي جي اڻاٺ خلاف احتجاج، خبر موجب دڙو لڳ اپر پنڃاري ڪئينال مان نڪرندڙ راڄ واھ شاخ ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، جنھن سبب راڄ واھ شاخ جي پوڇڙ تائين ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون ۽ انھن ۾ پوکيل سارين جي ٻيجاري سميت ٻيا فصل پاڻي نہ ملڻ سبب سڪي سڙي تباھ ٿي ويا آھن، ھتان جو آبادگار طبقو ۽ ڳوٺاڻان سخت پريشاني۾ مبتلا ٿي ويا آهن. جڏھن تہ چوپايو مال پاڻي نہ ھئڻ ڪري اڃ مرڻ لڳو آھي، ان ڏس ۾ يوسي بچل گگو جي ڳوٺ محمد آچار سولنگي، ڳوٺ محمود جاکرو، ڳوٺ ربڏنو سورجو، ڳوٺ عرس خاصخيلي، ڳوٺ الھڏنو سھتو سميت ٻين ڳوٺن جي رھندڙ وفا بابو سولنگي، علي نواز جاکرو، نور محمد سولنگي، شوڪت سولنگي، منٺار جاکرو، يار محمد جاکرو ۽ ٻين پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي پريس ڪلب دڙو جي ٽيم کي ٻڌايو تہ راڄ واھ شاخ ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب زرعي زمينن ۾ ڪروڙين روپين جا بيٺل فصل سڪي تباھ ٿي ويا آھن، انسانن سان گڏوگڏ چوپايو مال اڃ سبب مري رھيو آھي، ھنن چيو تہ اسان کي ھر دور ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي، ھتان جي سمورن رھواسين کي بنيادي سھولتن کان محروم رکڻ جو فورن نوٽيس ورتو وڃي، ھن سنڌ حڪومت سميت آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو آھي تہ راڄ واھ شاخ ۾ پاڻي جي رسائي کي يقيني بنائي معاشي تباھي کان بچايو وڃي.










