ڪراچي (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت حسين جي لاڏاڻي تي سندس ٻي اڳوڻي گهرواري طوبيٰ انور به پوسٽ شيئر ڪري خاموشي ٽوڙي ڇڏي. اداڪارا طوبيٰ انور پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اڳوڻي مڙس عامر لياقت حسين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. طوبيٰ انور لکي ٿو ته ”عامر لياقت پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگين تي مثبت اثر ڇڏيا، منهنجي دعا آهي ته عامر لياقت حسين جي ايندڙ زندگي آسان ٿي وڃي“. هن وڌيڪ لکيو، “مان سڀني کي اپيل ڪريان ٿي ته انهن جي رازداري جو احترام ڪن جن کي نقصان پهچايو ويو آهي.”










