سجاول (ن سنڌيار) سجاول لڳ نامعلوم ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت، وارثن سجاول بدين روڊ تي احتجاج ڪندي روڊ بند ڪري ڇڏيو.سجاول بدين روڊ تي جاکرا بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب ڏھ سالن جو راھگير نينگر نوشاد ولد اميد علي جاکرو فوت ٿي ويو. جڏھن ته ڪار ڊرائيور گاڏي سميت جاءِ حادثي تان فرار ٿي ويو. ٻئي پاسي فوتي نينگر جي وارثن سجاول بدين روڊ تي ٽائر ساڙي سخت احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو ھڻي روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو جنھن سبب روڊ جي ٻنھي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. وارثن جو چوڻ ھو تہ اسان جي نينگر کي ٽڪر ھڻي ماريندڙ ڪار ڊرائيور جو پتو لڳائي کيس گرفتار ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تان ڪار جو ڪوبه پتو نہ پئجي سگهيو. وارثن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ بعد روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو هو۔










