ڀاڄوڪڙ معيشت جي ڳالهه نه ڪري: گهرو وزير

ڀاڄوڪڙ معيشت جي ڳالهه نه ڪري: گهرو وزير

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 25 مئي جا ڀاڄوڪڙ معيشت تي تقريرون نه ڪن.هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير فراري پشاور فرار ٿي ويو، چپڙاسي لال حويلي ۾ لڪي ويو راڻا ثناءُ الله شيخ رشيد کان سوال ڪيو ته 25 مئي تي هو پنهنجي باس کان سواءِ ڪٿي لڪيل هو؟ خوني مارچ جو اعلان ڪندڙ خود مارچ جي ڏينهن ننڊ ۾ هو.اڳوڻي گهرو وزير ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪندي هن چيو ته 25 مئي جا ڀاڄوڪڙ معيشت تي تقريرون نه ڪن، عدالت ۾ پيش نه ٿيا پر نيب ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي.گهرو وزير چيو ته اسان واپاري ۽ سيڙپڪاري برادري کي خوف کان بچايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو