راولپنڊي(م ڊ)اتروزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ملٽري پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ملٽري پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن تي سيڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي حامد علي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي جو گهراءُ ڪيو ويو جڏهن ته دهشتگردن خلاف سرچ آپريشن جاري آهي.










