آمريڪا مضبوط پاڪستان ڏسڻ نٿو چاهي: عمران خان

آمريڪا مضبوط پاڪستان ڏسڻ نٿو چاهي: عمران خان

اسلام آ باد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مخالف ڪوشش ۾ آهن ته عمران خان خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرائي کيس رستي تان هٽايو وڃي، امريڪا ڪڏهن نه چاهيندو ته پاڪستان مضبوط ٿئي بونير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ موجوده وزير اعظم شهباز شريف مٿان سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هي ماڻهو مون تي غداري جو ڪيس داخل هلائڻ چاهين ٿا هن چيو ته نيوٽرل کي چوندو هئس ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو، پاڪستان کي نقصان ٿيندو عمران خان چيو ته شوڪت ترين کي چيو هو ته انهن کي آگاهه ڪيو ته نيوٽرل سٺي شئي آهي ته ملڪ جي سالميت به ضروري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو