444 نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي ڪهڙي تڪڙ هئي؟سپريم ڪورٽ

444 نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي ڪهڙي تڪڙ هئي؟سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو آهي ته حڪومت کي 444 نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي ڪهڙي تڪڙ هئي، ڇا مائٽن ۽ دوستن کي فائدو ٿئي ته اهڙي ترميم ڪرڻ گهرجي؟ في الحال ايگزيڪيوٽو جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نٿا چاهيون سُپريم ڪورٽ ايل سي ايل ترميم کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت کي هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي، هاءَ پروفائيل ڪيسز ۾ مبينا مداخلت خلاف پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سخت ريمارڪس ڏنا چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نالو نٿا کڻون، پر هڪ وزير جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو، اُهو اهم معاشي معاملا سرانجام ڏئي رهيو آهي جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته رڪارڊ موجب خواجه سعد رفيق اي سي ايل رولز جي منظوري ڏني، ڇا وزيرن کي پاڻ معاملي کان ڌار نه ٿيڻ گهرجي ها

پهنجو تبصرو موڪليو