موديز پاران پاڪستان جي ريٽنگ مظبوط مان منفي قرار

موديز پاران پاڪستان جي ريٽنگ مظبوط مان منفي قرار

اسلام آباد(بيورو)معيشتن جي درجابندي ڪندڙ عالمي اداري موڊيز پاڪستان جي آئوٽ لڪ (مستقبل جو معاشي منظرنامو) هاڪاري مان ناڪاري ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب موڊيز پاڪستان جي مقامي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي صورتحال کي غير مستحڪم قرار ڏنو آهي.موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ بي ٿري رکي آهي ۽ آئوٽ لڪ مستحڪم کان ناڪاري ڪري ڇڏيو آهي.موڊيز موجب ٻاهرين معاشي خطرن سبب پاڪستان جي رينڪنگ ناڪاري ڪئي وئي آهي، پرڏيهي فنانسنگ حاصل ڪرڻ ۾ غير يقيني صورتحال سان رينڪنگ ڪاٽو ٿي آهي.موڊيز جو چوڻ آهي ته مهانگائي سبب ٻاهرين معاشي صورتحال بگڙي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ ڪرنسي تي دٻاءُ وڌيو آهي، سياسي خطرن سبب معاشي مستقبل غير يقيني نظر اچي رهيو آهي. موڊيز موجب آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي غير يقيني نظر اچي رهي آهي، پرڏيهي فنانسنگ تي به غير يقيني جا ڪَڪر ڇانيل آهن، هلندڙ سال پاڪستان جي جي ڊي پي 4.5 کان 5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، هلندڙ سال جاري کاتن جو خسارو 3.5 کان 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، سياسي حالتن سبب آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد ۾ ڏکيائيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو