لاڳاپيل ادارا ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائن:ڊي سي

لاڳاپيل ادارا ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائن:ڊي سي

بدين(ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان چيو آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ان حوالي سان پاڻ ۾ لاڳاپا قائم ڪن. هن اها ڳالهه اڄ هتي ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار چائلڊ پروٽيڪشن جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وقار احمد ڪلهوڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر۽ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر عبدالغفار کوسو، اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر بدين احمد خان، اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر قادر بخش، جيل سپرنٽينڊنٽ، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر بدين چيو ته ٻارن جي تحفظ بابت مختلف ڪيس سندن والدين يا گهرڀاتين طرفان پاڻ ۾ حل ڪيا ويندا آهن جڏهن ته ڪجهه ڪيسن ۾ اهو محسوس ڪيو ويندو آهي ته ماڻهو ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان لهرائندا آهن ته ماڻهو ڇا چوندا جنهن جي سبب ڏهارين جي حوصله افزائي ٿئي ٿي چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ کي گهرجي ته هو اهڙن عنصرن کي سزا ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ماڻهن ۾ ان بابت آگاهي فراهم ڪري ته جيئن اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي. ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر عبدالغفار کوسو پيش ڪيل رپورٽ تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2021ع ۾ اغوا، تشدد، زيادتي ۽ هراسان ڪرڻ جا 24 ڪيس سامهون آيا جڏهن ته هن سال هن وقت تائين 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنهن بعد پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي مدد سان انهن ٻارن جي والدين کي قانوني مدد فراهم ڪئي وئي، ڪجهه ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون ۽ ڪجهه ٻارن کي پوليس جي مدد سان بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته جوابدارن کي سزائون پڻ ڏنيون ويون. هن چيو ته 1121 تي رابطو ڪري سوشل پروٽيڪشن هيلپ لائن کان مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته ادارو پاڻ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تان اهڙا ڪيس کڻندو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي مدد سان جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي عبدالغفار کوسو چيو ته ان حوالي سان اسڪولن ۾ آگاهي جي وڏي ضرورت آهي ته جيئن ٻارن کي سيکاري سگهجي ته هو انهن سمورن عناصرن کان پاڻ کي ڪيئن بچائي سگهن ٿا، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر بدين پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن کاتن ۾ استادن ۽ شاگردن ۾چائلڊ پروٽيڪشن بابت آگاهي مهم جو آغاز ڪن هو اسڪولن جي استادن کي آگاهه ڪن جيئن انهن کي چائلڊ پروٽيڪشن جي مسئلن بابت آگاهه ڪري سگھجي ۽ ان ڏس ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي آفيسرن سان تعاون پڻ ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو