اوٻاوڙو (ن سنڌيار) کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان گذريل رات سرن جي بٺي تي مزدوري لا۽ ويندڙ نوجوان رستي مان مبينا طور غوا ٿي ويو آهي وارثن موجب نوجوان ميرحسن ولد لال بخش ملڪ سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندو هو نوجوان کي رستي مان نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي وياآهن جڏهن ته مغوي جي بازيابي لا۽ وارثن گڊو مريدشاخ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو آهي ايندڙ ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته جيستائين کنڀڙا پوليس نوجوان کي بازياب نه ڪرائيندي تيستائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندورهندو ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ايس ايس پي گهوٽڪي ڏوهارين اڳيان ناڪام ٿي چڪو آھي جنهن ڪري ضلع گهوٽڪي ۾ ڏوھ وڌي ويا آھن










