مانسهره لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۽ هزاره لاءِ بجلي ڪمپني جو اعلان

مانسهره لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۽ هزاره لاءِ بجلي ڪمپني جو اعلان

مانسهره(م ڊ)وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آخري ڀيرو ڪي پي جي وڏي وزير کي اٽو سستو ڪرڻ جي درخواست ڪري رهيو آهيان. مانسهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪي پي حڪومت اٽي جي گهٽتائي جو جواب ناهي ڏنو، وڏو وزير 24 ڪلاڪن ۾ جواب ڏئي، جواب نه مليو ته ڪپڙا وڪڻي اٽو سستو ڪندس، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته تعمير ڪندڙ نواز شريف آهي يا عمران خان، نواز شريف جي قيادت ۾ اسان رت جي آخري قطري تائين قوم جي خدمت ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ساڍن 3 سالن کان مهانگائي آسمان تي هلي رهي آهي، 50 لک گهر ڊهي پيا، هڪ سربه نه لڳائي وئي، اسان توهان جي حال کان آگاهه آهيون، 80 ملين ماڻهن کي ماهوار 2 هزار رپيا سبسڊي ڏني وئي آهي، تعمير ڪندڙ هي نوڪر آهي ۽ تخريبڪار عمران خان آهي، مان پنهنجي جان لڙائيندس، اوهان کي خوشحال بڻائيندس، پيٽرول جا اگهه مجبوري ۾ وڌائڻا پيا. هن چيو ته گذريل حڪومت جي فيصلن سبب پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻا پيا، عمران نيازي گاريون ڏنيون.وزيراعظم مانسهره لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۽ هڪ ارب روپين جي ترقياتي ڪمن ۽ هزاره جي علائقي لاءِ ڌار بجلي ڪمپني ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو