لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪ ڀارت پاڻي تڪرار تي ڳالهين جي لاءِ انڊس واٽر ڪمشنر سيد مهر علي شاهه جي سربراهي ۾ 5 رڪني وفد ڀارت روانو ٿي ويو. وفد ۾ ڊي جي موسميات کاتو، آبپاشي کاتو، نيسپاڪ ۽ پرڏيهي وزارت جا نمائندا شامل آهن. ڀارت روانو ٿيڻ کان اڳ واهگا بارڊر تي ڳالهيون ڪندي انڊس واٽر ڪمشنر سيد مهر علي شاهه چيو ته ڳالهين دوران ڀارت مان ايندڙ دريائن ۾ ٻوڏ جي اڳواٽ اطلاع تي ڳالهيون ٿينديون ۽ انڊس واٽر ڪميشن جي سالياني رپورٽ تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون. هن اهو به چيو ته ڀارت سنڌو درياءَ تي ننڍا پن بجلي گهر ٺاهيا آهن. سنڌ طاس معاهدو ان جي اجازت ڏئي ٿو پر پاڪستان کي ڀارت طرفان چناب درياءَ تي ٺاهيل هائيڊرو پاور جي ٽن وڏن منصوبن تي اعتراض آهي. ڀارت ڪيرو هائيڊرو پاور منصوبي تي ڪم شروع ڪيو آهي. پاڪستان ان کان تفصيل گهريا آهن.هن ٻڌايو ته 30 ۽ 31 مئي تي ٿيندڙ ان ڳالهين ۾ ڌريون ٻوڏ جي اڳواٽ ڄاڻ ۽ پي سي آءِ ڊبليو جي سالياني رپورٽ جي معاملي تي غور ڪيو ويندو. ٻئي ڌريون سنڌ پاڻي معاهدي تحت هڪ هزار ميگاواٽ جي پاگل ڊرل، 48 ميگاواٽ لوئر ڪلنائي ۽ 624 ميگاواٽ جي ڪيرو هائيڊرو پاور پراجيڪٽس تي غور به ڪيو ويندو جيڪي ڀارت طرفان پاڪستان جي دريائن تي ٺاهيا پيا وڃن. مهر علي شاهه چيو ته مارچ ۾ پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪمشنر جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو هو.پاڪ ڀارت آبي ڳالهين جو 18هون اجلاس نئين دهلي ۾ شروع ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مهر علي شاهه چيو ته اهو وفد في الحال اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وڃي رهيو آهي. تڪراري ڊيم معاني جو ڌار شيڊول هوندو. جيڪڏهن اسان اتان جو دورو ڪرڻ چاهيون ته ڀارت اسان کي دورو ڪرائڻ جو پابند هوندو.










