هن ملڪ کي جمهوري رياست بڻايو وڃي:شاهد

هن ملڪ کي جمهوري رياست بڻايو وڃي:شاهد

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به ملڪي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته طاقت جو بيحد استعمال، چار ديوارن جي تقدس جي ڀڃڪڙي، لٺ، گولي، آمريت ٿي سگهي ٿي، جمهوريت هرگز ناهي.اڳوڻي ڪپتان چيو ته اختلاف ۽ احتجاج بنيادي حق آهي ۽ اهو حق ئي 220 ملين ماڻهن کي قوم بڻائي ٿو.شاهد آفريدي اپيل ڪئي ته خدارا! اچو ته هن ملڪ کي جمهوري رياست بڻايو وڃي“.

پهنجو تبصرو موڪليو