پي ٽي آءِ وارا جيل جي خوف کان لانگ مارچ ۾ نه ويندا: وساڻ

پي ٽي آءِ وارا جيل جي خوف کان لانگ مارچ ۾ نه ويندا: وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جيل وڃڻ جي ڊپ کان لانگ مارچ نه ڪندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جيل جي خوف کان لانگ مارچ لاءِ نه ڪندا، هن چيو ته شيخ رشيد چوندو هو ته جيل سندس سسر آهي، جڏهن جيل تنهنجي سسر جي آهي ته پوءِ ڊڄو ڇو ٿا، مان شيخ رشيد کان وڌيڪ جيل ۾ ويو آهيان.منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن جي خلاف ايڪشن نه وٺي رهي آهي، نمائش ان ڪري بند ڪئي وئي ته هي ماڻهو گڙٻڙ ڪندا، اسان کي ڄاڻ آهي ته هي ماڻهو گڙٻڙ ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو