اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جهانگير ترين گروپ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي عون چوڌري کي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي. عثمان بزدار ٽي وي پروگرام ۾ ڪردار ڪشي تي عون چوڌري کي قانوني نوٽيس اماڻيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نجي ٽي وي پروگرام ۾ عون چوڌري بي بنياد الزام لڳايا. اماڻيل نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عون چوڌري الزامن تي معافي گهري ٻئي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪندس ۽ معافي نه گهرڻ تي 50 ڪروڙ روپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي ويندي.ياد رهي ته عون چوڌري نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو هو ته پنجاب ۾ پوستنگ ۽ ٽرانسفر جي حوالي سان خواب بني گالا ۾ ڏٺو ويندو هو جڏهن ته بيگ لاهور پهچي ويندا هئا ان معاملي ۾ خاور مانيڪا ۽ ان جي پٽ سميت سموري گينگ ملوث هئي. عون چوڌري چيو ته مون عمران خان کي ٻڌايو هو ته پنجاب کي فرح گوگي ۽ احسن گجر هلائي رهيا آهن.










