واشنگٽن ۾ برطانوي سفير ميمو ليڪ ٿيڻ ۽ ٽرمپ جي تنقيد تي مستعفيٰ

واشنگٽن(ڊيسڪ رپورٽ) برطانيا جي آمريڪا ۾ سفير جو پنهنجي حڪومت کي لکيل ميمو ليڪ ٿيڻ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪري تنقيد کانپوءِ هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ليڪ ٿيل ميمو برطانيا جي ميل سنڊي اخبار ۾ شايع ٿيو هو. جنهن ۾ سر ڪم ڊيرووچ ٽرمپ انتظاميا کي غير فعال، اڍنگي ۽ اناڙي آهي. جنهن تي آمريڪي صدر هن کي بيوقوف ۽ بيڪار شخص قرار ڏنو. برطانوي سفارتي حلقن م انتهائي احترام جي نظر سان ڏٺي ويندڙ سفير استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته هن جو سفارتي حلقن ۾ بهترين وقت گذريو ۽ هو سڀني جو شڪريو به ادا ڪري ٿو پر پنهنجي واشنگٽن آفيس جتان ميمو ليڪ ٿيو هو ان بات خوش ناهي. هن لکيو آهي ته جيتوڻيڪ سندس مدو اڃا باقي آهي ۽ ڪنهن کيس استعيفٰيٰ لاءِ چيو به ناهي پر هو ضروري سمجهي ٿو ته پيدا ٿيل صورتحال ۾ اهو عهدو جاري رکڻ مناسب ناهي. برطانيا جي وزير خارجه چيو آهي ته اسين ان معاملي جي جاچ ڪنداسين پر سر ڪم ڊيرووچ هڪ انتهائي قابل ۽ ڏاهو سفير هو.

پهنجو تبصرو موڪليو