ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان قائم مقام آئي جي پوليس ڪامران فضل ملاقات ڪئي ملاقات ۾ وڏي وزير قائم مقام آئي جي کي صوبي ۾ امن وامان ۽ موثر پوليسنگ جي هدايت ڪئي،وڏي وزير چيو ته جيڪا موجوده دهشتگردي جي لهر شروع ٿي آهي ان کي روڪڻ لائي ضروري قدم کنيا وڃن، قائم مقام آئي جي پوليس ، اعتماد ۽ چارج ڏيڻ تي وڏي وزير جو ٿورو ادا ڪيو










