وڏو اپ سيٽ، نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي فائنل ۾ پهچي وئي

لنڊن(م ڊ) ڪرڪٽ جي ويجهي تاريخ جو وڏو اپ سيٽ، نيوزيلينڊ ڀارت کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي. نيوزيلينڊ 240 رنز جو ٽارگٽ ڏنو ۽ انڊيا جي پري ٽيم 49.3 اوورز ۾ 221 تي ڍير ٿي وئي. دنيا جي بهترين بيٽنگ لائن عين وقت تي ناڪام، ٽورنامنٽ ۾ 5 سينچريون ٺاهيندڙ روهت شرما هينري جي پهرين اوور ۾ هڪ رن تي ليٿم هٿان ڪيچ ٿي ويو، راهل ۽ ڪوهلي به هڪ هڪ رن ٺاهي، راهل کي هنيري وڪٽ پويان ڪيچ ڪرايو ۽ ڪوهلي کي بولٽ ايل بي ڊبليو ڪيو. پانٽ 32 رنسون ٺاهي سنٽنر جي بال تي گرينڊ هوم هٿان ڪيچ ٿيو. هڪ موقعي تي ڀارت جي 24 تي 4 آئوٽ هئا. ڪارٿڪ 6 رنز ٺاهي هينري جو ٽيون شڪار بڻيو نيسام سندس ڪيچ پڪڙيو. پانديا 32 رنز ٺاهي سنٽنر جي بال تي ڪپتان وليمسن هٿان ڪيچ ٿيو، ڌوني ففٽي ڄاهي گپٽل جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، جديجا وڏي همت ڪئي پر 77 رنز ٺاهي بولٽ جي بال تي وليمسن هٿان ڪيچ ٿيو. ان وقت 18 بالن تي 37 رنس گهربل هيون ته هن ڇڪي جي چڪر م اونچي شاٽ کيڏي. ڀونيشور زيرو تي آئوٽ ۽ بومرا 4 بال کيڏڻ باوجود زيرو تي ناٽ آئوٽ رهيو. چهل 5 رنز ٺاهي سگيو ۽ نيشام جي بال تي وڪٽ پويان ڪيڇ ٿيو. نيوزيلينڊ جي بالرن ڪمال جي بالنگ ڪري دنيا ڀارت کي شڪست ڏئي کين صدمي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ڀارت ۾ ڪجهه شهرن ۾ احتجاجي جلوس پڻ ڪڍيا ويا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو